دنيا جي مسلمانن لاءِ ٻيو مقدس ترين مقام، مسجد نبوي ﷺ جو موذن شيخ فيصل نعمان انتقال ڪري ويا. اهي 25 سالن تائين مسجد نبوي ﷺ ۾ اذان ڏيڻ جو اعزاز حاصل ڪري چڪا هئا ۽ انهن جي دلڪش آواز ۾ اذان مدينن جي فضائن ۾ گونجندي رهي.انتقال کان ڪجهه ڏينهن بعد انهن جي آخري ايام جي اسپتال ۾ ٺهيل هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ شيخ فيصل بستر مرگ تي پنهنجي زندگي جي آخري اذان ڏئي رهيا آهن. نماز جي دعوت ڏيڻ وارا لفظ سندن پُرسوز ۽ ڪمزور آواز ۾ واضع آهن.شيخ فيصل نعمان کي تاريخي جنت البقيع ۾ سپردخاک ڪيو ويو، جتي ڪيترن صحابه ڪرام ۽ اهل بيتؓ جون قبرون موجود آهن. شيخ فيصل جو تعلق اهڙي خاندان سان هو جيڪو ڊگهي عرصي کان مسجد نبوي ﷺ جي خدمت ڪندو آيو آهي، ۽ انهن جا والد پڻ هن عظيم منصب تي ڊگهي عرصي تائين فائز رهيا.
