شهباز حڪومت ايندڙ بجيٽ پيش نه ڪندي، عمران خان جي آزادي تي جشن ملهايو ويندو: سهيل آفريدي

پشاور: خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي آهي ته وفاقي حڪومت ايندڙ بجيٽ پيش نه ڪري سگهندي، جڏهن ته عمران خان جي آزادي تي جشن ملهائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.صوبائي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي منظوري کان پوءِ خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته موجوده بجيٽ ۾ انساني ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي ۽ ايندڙ سال صوبي جو ٿرو فارورڊ تمام گهٽ رهندو. هن چيو ته هن سال تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ نمايان سڌارا ڏسڻ ۾ ايندا.وڏي وزير اعلان ڪيو ته 60 سال يا ان کان وڌيڪ عمر وارن شهرين لاءِ بي آر ٽي ۾ مفت سفر جي سهولت ڏيڻ خاطر ’’بزرگ ڪارڊ‘‘ متعارف ڪرايو پيو وڃي.هن چيو ته ڪمراٽ مين روڊ کي هلندڙ سال مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جڏهن ته پشاور ۽ هزاره ڊويزن لاءِ 200، 200 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته صوبي جي سڀني ضلعن کي بنا ڪنهن فرق جي انهن جو حق ڏنو ويو آهي ۽ جولاءِ کان هو ذاتي طور تي ترقياتي منصوبن جي نگراني ڪندو.سياسي معاملن تي ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته بجيٽ پاس ٿيڻ جي خوشي هجي يا نه، عمران خان جي آزادي تي ضرور جشن ملهايو ويندو. هن باني پي ٽي آءِ سان گڏ بيهڻ تي سڀني ميمبرن کي ڀيٽا پيش ڪئي.وڏي وزير جو چوڻ هو ته عمران خان جي مقبوليت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ جيڪڏهن عدليه انصاف فراهم ڪري ته هو اڄ ئي آزاد ٿي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سڀني مسئلن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر ڪجهه معاملن ۾ سياسي قيادت سان ملاقاتن ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن۔

پنھنجي راءِ لکو