آمريڪي عدالتي نظام Donald Trump جي انتظاميا کي هڪ ٻيو وڏو ڌڪ ڏيندي اميگريشن عدالتن ۾ پيش ٿيندڙ ماڻهن جي گرفتارين خلاف فيصلو جاري ڪيو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب California جي هڪ وفاقي جج اڱاري ڏينهن ٽرمپ انتظاميا جي ان پاليسي کي سڄي ملڪ ۾ لاڳو ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن تحت اميگريشن عدالتن ۾ ايندڙ تارڪين وطن کي گرفتار ڪيو پئي ويو. ان پاليسي سبب قومي سطح تي وڏي بحث ۽ ڳڻتي پيدا ٿي هئي.
رپورٽن موجب گذريل سال U.S. Immigration and Customs Enforcement ملڪ جي مختلف عدالتي عمارتن جي راهدارين ۾ تارڪين وطن کي گرفتار ڪرڻ شروع ڪيو هو، ۽ ڪيترن ئي موقعن تي سندن ڪيسن جي ٻڌڻي کان فوري پوءِ به گرفتار ڪيو ويندو هو.وڪيلن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن ان قدم تي اعتراض ڪندي چيو ته ان سان اميگريشن عدالتون انصاف فراهم ڪرڻ وارن ادارن بدران خوف جي جڳهن ۾ تبديل ٿي رهيون آهن. سندن چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو قانوني گهرجون پوريون ڪندي عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا هئا، انهن کي ئي گرفتاري جي خطري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو.هي فيصلو ٽرمپ انتظاميا لاءِ هڪ اهم قانوني ڌڪ سمجهيو پيو وڃي. انتظاميا ان کان اڳ اهي پراڻيون هدايتون ختم ڪري ڇڏيون هيون، جن تحت عدالتن جي اندر يا ويجهو اميگريشن قانونن جي نفاذ تي ڪجهه پابنديون موجود هيون. ٽرمپ انتظاميا جو موقف هو ته پراڻيون پاليسيون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خطرناڪ ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جي صلاحيت ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيون هيون۔
