اسلام آباد: مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت پاڪستان عراق ويندڙ پاڪستاني زائرين لاءِ اهم هدايتون جاري ڪيون آهن. وزارت موجب عراقي حڪومت زيارت ويزا جي غلط استعمال ۽ غير قانوني رهائش کي روڪڻ لاءِ سخت قانوني قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزارت سڀني زائرين ۽ زيارتي گروپن جي منتظمن کي هدايت ڪئي آهي ته هو عراقي ويزا قانونن ۽ ضابطن تي مڪمل طور عمل ڪن. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته زيارت ويزا صرف مذهبي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ۽ ويزا جي مدي ختم ٿيڻ کان اڳ مقرر وقت تي عراق مان واپسي کي يقيني بڻايو وڃي.وزارت خبردار ڪيو آهي ته عراقي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ ڏنڊ، ملڪ بدري ۽ مستقبل ۾ ويزا حاصل ڪرڻ تي پابنديون پڻ شامل ٿي سگهن ٿيون۔
