Sargodha ۾ 8 ورهين جي نينگري منتها زهره سان زيادتي ۽ قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار ارسلان کي مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي.سي سي ڊي (ڪرائم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ) اختيارين موجب جوابدار ارسلان کي ثبوتن جي برآمدگي لاءِ کڻي وڃڻ دوران جهال چڪيان ٽين پلي ڀرسان سندس ساٿين سي سي ڊي ٽيم تي اوچتو فائرنگ ڪري ڇڏي. اختيارين موجب جوابي ڪارروائي دوران مرڪزي جوابدار ارسلان موقعي تي مارجي ويو.واقعي کان پوءِ پوليس جي اضافي نفري طلب ڪئي وئي، جڏهن ته فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون مختلف علائقن ڏانهن روانيون ڪيون ويون آهن.واضح رهي ته جوابدار ارسلان جاچ دوران مبينا طور اعتراف ڪيو هو ته هن ننڍڙي نينگري منتها زهره کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ قتل ڪيو هو. ان افسوسناڪ واقعي کان پوءِ عوام ۾ سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي ۽ جوابدار کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پئي ويو۔
