لاهور آئل ٽينڪر مان 9 ڪروڙ جي منشيات هٿ اسمگلر گرفتار

لاهور ڀرسان موٽروي ايم ون تي پنجاب ڪائونٽر نارڪوٽڪس فورس وڏي ڪارروائي ڪندي آئل ٽينڪر مان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي اداري موجب برهان ريسٽ ايريا وٽ ٽينڪر کي روڪي تلاشي ورتي وئي، جتي خفيه خانن مان 1140 ڪلوگرام ويڊ ۽ افيم هٿ آئي، جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 9 ڪروڙ رپيا آهي۔ابتدائي ڄاڻ مطابق هي منشيات لاهور، شيخپورہ، ملتان ۽ فيصل آباد سميت پنجاب جي مختلف شهرن ڏانهن اسمگل ٿي رهي هئي۔واقعي ۾ ملوث هڪ ملزم کي گرفتار ڪري قانون موجب ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو