صادق آباد ۾ سنڌ ۽ پنجاب پوليس سرحدي ڪچي علائقن ۾ ڊاڪُوئن خلاف گرينڊ آپريشن شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ 2 هزار پوليس اهلڪار، 8 ڊرون ٽيمون، 6 بليٽ پروف ۽ درجنوں بکتر بند گاڏيون شامل آهن. ابتدائي رپورٽن موجب، ڪچي جا انتهائي مطلوب 62 ڊاڪُو سرنڊر ڪري قومي ڌارے ۾ شامل ٿي ويا آهن، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ سهولتڪار به گرفتار ڪيا ويا آهن. سرنڊر ڪندڙن ۾ لوند، کوش، لٺاني ۽ سيکاني گينگز جا خطرناڪ عناصر شامل آهن. ڊي آءِ جي غازي صلاح الدين چيو آهي ته آپريشن جو مقصد ڊاڪُوئن کي قانون جي اڳيان آڻڻ ۽ علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ آهي، ۽ جيڪي جرائم مان توبه ڪندا انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو. جديد ٽيڪنالاجي ۽ مؤثر محاصري تحت آپريشن جاري آهي، جنهن سان علائقي ۾ جرائم جي شرح گهٽجڻ جو امڪان آهي
