گل پلازا سانحو 26 لاشون هٿ 20 جي سڃاڻپ 83 ماڻهو اڃا لاپتا ڪراچي سوڳ ۾

گل پلازا سانحي بعد ڪراچي اڄ به سوڳ واري حالت ۾ آهي۔ ريسڪيو عمل دوران عمارت جي ملبي مان 26 لاشون ڪڍيون ويون آهن، جن مان 20 جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته 83 ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن۔ريسكيو عملدارن موجب ملبي مان انساني عضوا به مليا آهن، جنهن سبب فوتگين ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي۔ ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ٻڌايو آهي ته ناقابلِ سڃاڻپ لاشن کي ايدهي سرد خاني منتقل ڪيو ويو آهي۔لاشين جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي سيمپلز گڏ ڪرڻ جو عمل جاري آهي، ۽ هينئر تائين 18 لاپتا ماڻهن جي وارثن ڊي اين اي سيمپل جمع ڪرائي ڇڏيو آهي۔ حادثي واري هنڌ تي ڪيترائي شهري روئيندي نظر آيا، جيڪي پنهنجي پيارن جي سلامتي لاءِ ڪنهن معجزي جا منتظر آهن۔ڪجهه متاثر ماڻهن ڪرين آڏو اچي ملبي هٽائڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته پهرين لاشون ڪڍيون وڃن۔ ريسڪيو ٽيمون پٺئين رستي کان عمارت ۾ داخل ٿي، هي وي مشينري ذريعي رستو ٺاهي رهيون آهن۔گل پلازا ڀرسان موجود عمارت جا ٻه پلر به ٽٽي پيا آهن، جنهن سبب عمارت جو حصو ڪرڻ جو خطرو آهي۔ حفاظتي طور ڇت تي پارڪ ڪيل گاڏيون ڪرين ذريعي هيٺ لاهيون ويون آهن، جن ۾ 17 گاڏيون، 12 موٽر سائيڪلون، هڪ رڪشا ۽ چار جنريٽر شامل آهن۔گل پلازا سان لڳل ٻئي روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته شهرين کي متبادل رستن استعمال ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي۔ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب رات دير سان واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ چيو ته سڀني لاپتا ماڻهن جي ملڻ تائين ريسڪيو آپريشن جاري رهندو

پنھنجي راءِ لکو