ڪوئٽه چمن ۽ اتر بلوچستان ۾ سياري جي پهرين برفباري گرمي پد نقطه انجماد کان هيٺ

بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئٽه سميت چمن ۽ اتر علائقن ۾ سياري جي پهرين برفباري سان سخت سردي شروع ٿي وئي آهي۔ چمن شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب روزمرهه جي زندگي متاثر ٿي رهي آهي۔ڪوژڪ ٽاپ، خواجه عمران، توبه اچکزئي، قلعہ عبداللہ، گلستان، جنگل پير عليزئي، شيلا باغ ۽ ميزئي اڊا ۾ به برفباري جاري آهي۔ موسميات کاتي موجب چمن ۾ گرمي پد منفي 1 ڊگري سينٽي گريڊ، ڪوژڪ ٽاپ ۽ خواجه عمران ۾ منفي 3 ۽ توبه اچکزئي ۾ منفي 4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي۔توبه اچکزئي ۾ ڏيڍ فٽ، ڪوژڪ ٽاپ ۾ هڪ فٽ ۽ چمن ۾ 10 انچ تائين برف پئي آهي۔ قلعہ سيف الله ۽ ڀرپاسي ۾ برسات کان پوءِ سردي وڌي وئي ،جڏهن ته ڪان مهترزئي ۽ مسلم باغ ۾ وقفي وقفي سان برفباري ٿي۔ موسميات کاتي موجب قلعہ سيف الله ۾ شام تائين برفباري ۽ برسات جاري رهڻ جو امڪان آهي۔ٻئي طرف مستونگ ۾ به سياري جي پهرين برفباري کان پوءِ موسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو آهي، جڏهن ته خاران ۽ پنجگور ۾ برسات سبب سردي ۾ اضافو ٿيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو