پاڪستان ۾ برسات آڻيندڙ طاقتور مغربي سسٽم داخل ٿي ويو آهي، جيڪو اڄ شام کان 24 جنوري تائين ملڪ جي اڪثر علائقن کي متاثر ڪندو. موسميات کاتي موجب هن سسٽم سبب مٿانهين علائقن ۾ تيز برسات ۽ برفباري جڏهن ته پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي حصن ۾ برسات پوڻ جو امڪان آهي۔خيبرپختونخوا ۽ ڪشمير جي مٿانهين علائقن ۾ سخت برسات ۽ برفباري متوقع آهي۔ سوات، چترال، بونير، شانگله، دير، ملاڪنڊ، باجوڙ ۽ مردان ۾ فليش فلڊنگ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي۔ فيڊرل فلڊ ڪميشن صوابي، هري پور، ايبٽ آباد، مانسهره ۽ بٽگرام لاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي۔اين ڊي ايم اي موجب سخت برساتن سبب درياءِ ڪابل ۽ ڀرپاسي وارن نالن ۾ چاڙهه اچڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته سوات، چترال، دير، بونير ۽ شانگله ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي۔ صوبائي ۽ ضلعي انتظاميه کي هاءِ الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهنبلوچستان جي ضلعن ڪوئيٽا، زيارت، چمن، پشين، قلعو عبدالله، قلعو سيف الله، نوشڪي ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ گجگوڙ ۽ برسات جڏهن ته پهاڙي علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي۔مري ۽ گليات سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به اڄ شام کان برسات ۽ برفباري متوقع آهي، جڏهن ته ڪراچي سميت سنڌ جي ساحلي ۽ ڏاکڻي علائقن ۾ 22 ۽ 23 جنوري تي هلڪي کان وچولي برسات پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔
