پي ڊي ايم اي خيبرپختونخوا ۾ اڄ ۽ سڀاڻي برسات ۽ مٿين علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي۔ اداري پاران سڄي صوبي ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔پي ڊي ايم اي موجب مختلف ضلعن ۾ وقفي وقفي سان گرج چمڪ سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جڏهنته مٿين علائقن ۾ برفباري سبب رستا بند ٿيڻ جو خدشو آهي۔ ايبٽ آباد، دير، سوات، چترال ۽ ڪوھستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو موجود آهي۔پشاور، مردان، بنون ۽ ڊي آئي خان سميت ڪيترن ضلعن ۾ به برسات متوقع آهي، جڏهنته سخت برساتن سبب ڪمزور گهرن، بجلي جي ٿنڀن ۽ سائن بورڊز کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي۔پي ڊي ايم اي سڀني ضلعي انتظامين کي احتياطي قدم کڻڻ ۽ نيڪاسي آب جا انتظام بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهنته سياحن ۽ مسافرن کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي۔ٻئي پاسي، ڪراچي ۾ اڄ فضاءَ آلودہ آهي۔ موسميات کاتي موجب هوا ۾ آلودگيءَ جا ذرڙا 162 پرٽيڪيوليٽ ميٽرز رڪارڊ ٿيا آهن۔ ڏينهن جو گرمي ۽ صبح جو ٿوري خنڪي محسوس ڪئي وئي۔ اتر اوڀر کان هلندڙ سڪي هوائن جي رفتار ۾ گهٽتائي آئي آهي۔موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ نمي جو تناسب 87 سيڪڙو رهيو، جڏهنته شام تائين نمي ۾ گهٽتائي سبب موسم خشڪ رهندو۔ اڄ گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي ۽ هن سياري ۾ به موسم خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔
