ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا ۾ پيش آيل المناڪ سانحي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي انگ بابت تڪرار پيدا ٿي ويو آهي، جتي انتظاميا جي اعليٰ آفيسرن پاران مختلف انگ اکر ٻڌايا پيا وڃن، جنهن سبب ادارن وچ ۾ ڪمزور رابطي جا سوال اُڀري رهيا آهن۔ڊيپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد نبي کوسو اڄ صبح بيان ڏيندي چيو ته گل پلازا سانحي ۾ 55 کان 60 ماڻهو فوت ٿيا آهن۔ سندس چوڻ موجب 48 لاشن جو پوسٽ مارٽم مڪمل ٿي چڪو آهي، 14 لاشن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي جڏهن ته 8 لاشن جي سڃاڻپ ڊي اين اي ٽيسٽ ذريعي ڪئي وئي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته مجموعي طور 86 ماڻهو لاپتا رپورٽ ٿيا هئا۔ٻئي پاسي ايڊشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان گذريل رات ٻڌايو ته ميزانين فلور مان 30 لاشون مليون آهن، جنهن کان پوءِ فوت ٿيلن جو انگ 63 ٿي ويو آهي۔انتظاميا جي بيانن ۾ تضاد سبب اڃا تائين اها ڳالهه واضع نه ٿي سگهي آهي ته گل پلازا جي ملبے مان مجموعي طور ڪيتريون لاشون ڪڍيون ويون آهن۔ ڊي سي ڏکڻ موجب ملبے هيٺ موجود ممڪن لاشن کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن جاري آهي۔ان کان علاوه سرچ اينڊ رڪوري آپريشن جي مدت بابت به ڪا واضح ٽائم لائن سامهون نه آئي آهي، جڏهن ته ان ڳالهه تي به سوال اٿاريا پيا وڃن ته سرچ اينڊ رڪوري کي ”ريسڪيو آپريشن“ ڇو سڏيو پيو وڃي۔
