لکي غلام شاھ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او خميسو خان بروهي شهيد

لکي غلام شاھ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب ايس ايڇ او خميسو خان بروهي شهيد ٿي ويو آهي۔ پوليس موجب، پراڻي رينجرس چيڪ پوسٽ لکي لڳ هٿياربندن نوابشاهه کان ڪوئيٽا ويندڙ مسافر ڪوچ کي هٿيارن جي زور تي بيهاري مسافرن کان لکين روپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦري ورتو۔واقعي جي اطلاع ملڻ تي لکي غلام شاھ پوليس جو ايس ايڇ او خميسو خان بروهي نفري سميت واقعي واري هنڌ پهتو، جتي هٿياربندن سان مقابلو ٿيو۔ مقابلي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او خميسو خان بروهي سخت زخمي ٿي پيو۔زخمي ايس ايڇ او کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو۔ واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته پوليس پاران هٿياربندن جي ڳولا لاءِ ناڪابندي ڪري ڇڏي وئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو