موبائل وڪڻڻ يا مرمت ڪرڻ کان پهريان پرائيويسي محفوظ رکڻ جا اهم قدم

جيڪڏهن توهان پنهنجو موبائل فون وڪڻڻ، ڪنهن کي ڏيڻ يا مرمت لاءِ ڏيڻ جو سوچيو ٿا ته پنهنجي ذاتي معلومات جي حفاظت لاءِ هي قدم لازمي طور وٺو۔اڄ جي دور ۾ اسمارٽ فون صرف رابطي لاءِ نه آهي پر ان ۾ صارفين جي ذاتي معلومات، تصويرون، وڊيوز ۽ اڪائونٽس موجود آهن۔ گهڻا ماڻهو پراڻا فون وڪرو ڪن ٿا يا استعمال لاءِ ڏين ٿا، جنهن سان ڊيٽا جي افشا ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي۔پي ٽي اي مطابق موبائل وڪڻڻ يا مرمت کان پهريان هي قدم وٺڻ لازمي آهن:فئڪٽري ري سيٽ: موبائل ري سيٽ ڪريو پر اهو ڪافي ناهي، ڇو ته جديد سافٽ ويئر سان ڊيٽا ٻيهر حاصل ٿي سگهي ٿي۔انڪرپشن چيڪ ڪريو: ري سيٽ کان پهريان تصديق ڪريو ته فون مڪمل طور محفوظ ٿيل (Encrypted) آهي۔ڊيٽا اوور رائيٽ ڪريو: ري سيٽ کان پوءِ ڪجهه غير ضروري تصويرون يا وڊيوز شامل ڪريو ۽ وري ري سيٽ ڪريو۔اڪائونٽس هٽايو: گوگل، ايپل، سيمسنگ يا سوني اڪائونٽس هٽايو۔بيڪ اپ وٺو: ڊيٽا گوگل ڊرائيو، آئي ڪلائوڊ، ميموري ڪارڊ يا ڪمپيوٽر تي محفوظ ڪريو۔سم ۽ ميموري ڪارڊ ڪڍو: جيئن توهان جي نمبر يا ذاتي ڊيٽا ڪنهن ٻئي جي هٿ نه لڳي۔انهن قدمن سان توهان هيٺيان خطرا کان محفوظ رهي سگهو ٿا:پرائيويسي جو افشا سڃاڻپ جي چوريذاتي ڊيٽا جو غلط استعمال

پنھنجي راءِ لکو