قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻين سڃاڻپ دستاويزن جي تياري لاءِ نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) برطانيا ۾ موبائل رجسٽريشن ڊرائيو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔ اوورسيز پاڪستانين لاءِ هن مهم جو باضابطه آغاز 24 جنوري 2026ع، ڇنڇر کان ٿيندو۔نادرا موجب هن قدمي جو مقصد برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي سڃاڻپ جون ضروري سهولتون مهيا ڪرڻ آهي۔ موبائل رجسٽريشن ٽيم برٽن آن ٽرينٽ، برمنگھم، بريڊ فورڊ ۽ ڊونڪاسٽر ۾ مقرر هنڌن تي موجود هوندي۔ڊرائيو دوران شهرين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ، نيڪوپ، اسمارٽ نيڪوپ ۽ فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ (FRC) جي نئين رجسٽريشن، تجديد، ترميم ۽ ٻيهر جاري ڪرائڻ جون سهولتون ملنديون۔ نادرا شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجا پراڻا شناختي ڪارڊ يا ب فارم ساڻ کڻي اچن ته جيئن ڪارروائي جلدي مڪمل ٿي سگهي۔نادرا جو چوڻ آهي ته عورتن جي سهولت لاءِ الڳ ڪائونٽر ۽ عورت عملي جي به انتظام ڪيل هوندي۔ ان کان علاوه شهرين کي پاڪ آئي ڊي ايپ استعمال ڪرڻ جي ترغيب پڻ ڏني وئي آهي، جنهن سان آن لائن رجسٽريشن وڌيڪ آسان بڻجي ويندي۔
