قومي اسيمبلي جي قائمہ ڪميٽي براءِ مذهبي معاملن سفارش ڪئي آهي ته سرڪاري خرچ تي عمره ادا ڪرڻ لاءِ ويندڙ پارلياماني وفد پاڪستاني عوام جي طرفان عمره ادا ڪندو ميڊيا رپورٽن موجب قائمہ ڪميٽي چيو آهي ته هي وفد اڳ به عوام جي نمائندگي ڪندي عمره ادا ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي هر سال مدينه منوره ۽ مڪه مڪرمه جو دورو ڪند ڪميٽي موجب وفد ۾ شامل ميمبرن جا اهلِ خانہ به گڏ وڃي سگهندا، جڏهن ته رشتيدارن کي سرڪاري وفد ۾ شامل ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجا خرچ پاڻ برداشت ڪرڻا پوندا۔ اسپيڪر قومي اسيمبلي جي غير موجودگي ۾ چيئرمين قائمہ ڪميٽي وفد جي سربراهي ڪندو۔قائمہ ڪميٽي وفد جي ميمبرن جو انگ 7 مان وڌائي 10 ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني آهي، جڏهن ته ميمبرن جي نامزدگي اسپيڪر قومي اسيمبلي ڪندو۔ ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته وفد جا سڀ خرچ قومي اسيمبلي برداشت ڪري۔ڪميٽي چيئرپرسن شگفته جماني چيو ته روضه رسول ﷺ تي پاڪستاني عوام جي طرفان سلام پيش ڪيو ويندو۔ هن وفاقي وزير مذهبي معاملن کان مطالبو ڪيو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي کي باضابطه خط لکيو وڃي۔وفاقي وزير مذهبي معاملن سردار يوسف قائمہ ڪميٽي جي سفارشن جي حمايت ڪندي چيو ته وزارت مذهبي معاملن پارلياماني وفد کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي ۽ وفد لاءِ لائژن آفيسر به مقرر ڪيو ويندو۔
