هن سال 7 فيبروري کان شروع ٿيندڙ آئي سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 ڀارت ۾ نيپا وائرس جي نون ڪيسن سبب خطري ۾ آهي. ڀارتي صحت کاتي موجب مغربي بنگال رياست ۾ 5 تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي ۽ حفاظتي قدمن کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي۔طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته وائرس جي پکڙجڻ جي صورت ۾ ورلڊ ڪپ جي تياريون، لاجسٽڪس ۽ سيڪيورٽي انتظام متاثر ٿي سگهن ٿا رپورٽن موجب نيپا وائرس جي وڌندڙ خطري سبب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي شيڊول ۽ انعقاد غير يقيني صورتحال ۾ اچي ويو آهي۔
