خيبر پختونخوا ۾ يونيورسٽين جي رينڪنگ جو نظام متعارف تاريخي فيصلي تي عمل شروع

خيبر پختونخوا حڪومت صوبي ۾ اعليٰ تعليمي ادارن بابت هڪ تاريخي فيصلو ڪندي يونيورسٽين جي رينڪنگ جو نظام متعارف ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻي ورتا آهن صوبي جي حڪومت يونيورسٽين جي درجا بندي لاءِ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو عمل به شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ان حوالي سان خيبر پختونخوا جي سڀني سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي بابت گهربل ڄاڻ فراهم ڪن۔ ڊيٽا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 16 فيبروري مقرر ڪئي وئي آهي۔ذريعن موجب، يونيورسٽين جي ڪارڪردگي جانچڻ لاءِ 12 اشاريَن تي ٻڌل رينڪنگ ڪئي ويندي، جڏهن ته يونيورسٽين جي درجا بندي بابت آن لائن اجلاس 29 جنوري تي منعقد ڪيو ويندو۔ هن فيصلي جو مقصد صوبي ۾ اعليٰ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي۔

پنھنجي راءِ لکو