رمضان کان اڳ بجلي صارفين لاءِ خراب خبر في يونٽ 48 پئسا مهانگو ٿيڻ جو امڪان

رمضان المبارڪ جي اچڻ کان اڳ ملڪ ڀر جي بجلي صارفين لاءِ هڪ ٻي خراب خبر سامهون آئي آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) نيپرا وٽ ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست جمع ڪرائي آهي.درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ مهيني لاءِ بجلي في يونٽ 48 پئسا مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. سي پي پي اي موجب ڊسمبر مهيني دوران 8 ارب 48 ڪروڙ 70 لک يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، جڏهن ته ڊسڪوز کي 8 ارب 20 ڪروڙ 80 لک يونٽ بجلي فراهم ڪئي وئي.سي پي پي اي جو چوڻ آهي ته ڊسمبر ۾ في يونٽ بجلي جي لاڳت 9.62 رپيا رهي. ذريعن موجب هائيڊل مان 18.07 سيڪڙو، مقامي ڪوئلي مان 13.99 سيڪڙو، درآمدي ڪوئلي مان 10.13 سيڪڙو، قدرتي گئس مان 11.20 سيڪڙو، درآمدي گئس مان 17.24 سيڪڙو ۽ نيوڪليئر ذريعي 25.05 سيڪڙ بجلي پيدا ڪئي وئي.سي پي پي اي جي درخواست تي نيپرا اٿارٽي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي، جنهن کانپوءِ بجلي جي اگهن بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو

پنھنجي راءِ لکو