سنڌي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري قتل ڪيس سوتيلي پٽ کي سزائے موت

سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ دانشور ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو آهي۔ ايڊيشنل سيشن جج حيدرآباد ڪيس جو تفصيلي فيصلو ٻڌائيندي مقتول جي سوتيلي پٽ شاهه لطيف کي سزائے موت جو حڪم ڏئي ڇڏيو۔عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي سندس سوتيلي پٽ شاهه لطيف ذاتي سببن جي بنياد تي قتل ڪيو۔ عدالت قرار ڏنو ته استغاثه ملزم خلاف قتل جو الزام ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي عدالت ۾ پيش ڪيل شاهديون، شاهدن جا بيان ۽ ٻين ثبوتن جي بنياد تي ايڊيشنل سيشن جج ملزم کي قتل جو ڏوهاري قرار ڏيندي ڏوهه جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي سزائے موت ٻڌائي۔واضح رهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌ جي نامور شاعرن ۽ دانشورن ۾ شمار ٿيندو هو، جنهن جي قتل واري واقعي سڄي صوبي ۾ ڏک، تشويش ۽ غصي جي لهر ڇڏي هئي

پنھنجي راءِ لکو