سنڌ ۾ اسڪولن اندر رهائش ۽ ڪمرشل سرگرمين تي مڪمل پابندي رجسٽريشن منسوخي جي وارننگ

سنڌ جي کاتي تعليم اسڪولن اندر رهائش اختيار ڪرڻ ۽ ڪمرشل سرگرميون هلائڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ اهڙي هر قسم جي غير قانوني استعمال تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي۔کاتي تعليم موجب خانگي اسڪولن جون عمارتون صرف تعليمي مقصدن لاءِ استعمال ٿينديون، جڏهن ته اسڪولن اندر دڪان کولڻ يا رهائش ٺاهڻ قانون جي سنگين ڀڃڪڙي هوندي۔کاتي تعليم سنڌ صوبي جي سڀني خانگي اسڪولن جي انسپيڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت اسڪول انتظاميا کي اسٽرڪچرل فٽنيس سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻو پوندو۔ خستہ حال يا غير محفوظ عمارتن ۾ قائم اسڪولن کي خالي ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔کاتي تعليم خبردار ڪيو آهي ته پابندي جي ڀڃڪڙي تي اسڪول جي رجسٽريشن معطل يا منسوخ ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته غير تعليمي سرگرمي ثابت ٿيڻ تي اسڪول سيل به ڪيا ويندا۔کاتي تعليم موجب اسڪول اندر ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ مڪمل ذميواري اسڪول انتظاميا تي هوندي، جڏهن ته ڪرپشن ۾ ملوث تعليم آفيسرن خلاف به ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو