بنگلاديش ۾ چونڊ مهم دوران جهيڙو جماعت اسلامي جو اڳواڻ مولانا رضا الڪريم فوت

بنگلاديش جي ضلعي شيرپور ۾ چونڊ مهم دوران بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي ۽ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي سبب جماعت اسلامي جو سينيئر اڳواڻ مولانا رضا الڪريم فوت ٿي ويو۔رپورٽن موجب منشور پڙهڻ واري تقريب دوران سيٽن جي معاملي تي تڪرار وڌي جهيڙي ۾ تبديل ٿيو، جنهن دوران مولانا رضا الڪريم سخت زخمي ٿي پيا هو جماعت اسلامي جي سري بردي اپازلا شاخ جا سيڪريٽري ۽ فتح پور فاضل مدرسه ۾ عربي جا ليڪچرار هئا۔ اسپتال منتقل ڪرڻ دوران هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويا۔ رپورٽن موجب جهيڙي ۾ پنجاهه کان وڌيڪ ڪارڪن زخمي ٿيا، جن مان ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي۔

پنھنجي راءِ لکو