پاڪستاني نوجوان آرٽيفيشل انٽيليجنس کي اردو سکائي قلب نالي اردو چيٽ GPT متعارف

مصنوعي ذهانت (AI) اڃا تائين اردو سان مڪمل طور واقف نه هئي، جنهن سبب اردو ڳالهائيندڙ پاڪستاني جديد ٽيڪنالاجي مان مڪمل فائدو نه وٺي سگهيا. پر آمريڪا ۾ پڙهندڙ پاڪستاني نوجوان تيمور حسن پنهنجن ساٿين جواد احمد ۽ محمد اويس سان گڏ ڪري هڪ اردو چيٽ GPT ماڊل ’’قلب‘‘ تيار ڪيو آهي.’’قلب‘‘ تقريباً 1.97 ارب لفظن تي ٽرين ٿيل آهي ۽ ان کي ست کان وڌيڪ عالمي معيار جي ٽيسٽن ۾ جانچيو ويو، جتي هن موجوده اردو AI ماڊلز کي واضح طور تي پوئتي ڇڏيو.هي ماڊل اردو ٻولي ۾ سوال جواب ڪرڻ، تحقيق ۽ تعليمي اسائنمنٽس ۾ مدد ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. ’’قلب‘‘ اردو ڳالهائيندڙن لاءِ جديد AI تائين آسان رسائي جو بهترين ذريعو آهي ۽ اردو ٻولي جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.تيمور حسن اڳ ۾ ئي 13 اسٽارٽ اپس ڪاميابي سان لانچ ڪري چڪا آهن، مائيڪروسافٽ کپ ۾ فاتح رهيا آهن ۽ بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي

پنھنجي راءِ لکو