چوڪ سرور شهيد جي علائقي ليه روڊ تي تيز رفتار ٽريلر ٻن موٽر سائيڪلن کي ٽڪر هنئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شاگردياڻي سميت 5 شاگرد موقعي تي فوت ٿي ويا ريسڪيو اختيارين موجب فوتين ۾ عبدالله، عبدالرحمان، محمد عادل، دعا فاطمه ۽ باسط شامل آهن، جن جي عمر 10 کان 16 سالن جي وچ ۾ آهي۔ شاگرد اسڪول وڃي رهيا هئا ته اهو حادثو پيش آيو۔حادثي کان پوءِ پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهتيون ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٽريلر ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿي ويو۔ پوليس ڊرائيور جي ڳولا جاري رکي آهي۔
