تقريباً 25 سال اڳ لاهور جي مغلپورہ ڊويزنل اڪائونٽس آفيس ۾ ريلوے پوليس سان لاڳاپيل هڪ وڏو واقعو پيش آيو، جتي ڪانسٽيبل محمد نواز مبينه طور 3 ڪروڙ 21 لک رپيا کڻي فرار ٿي ويو۔رپورٽن موجب ملزم ساٿين کي دعوت ڏئي کاڌي ۾ نشي آور دوا ملايائين، جنهن سبب سڀ اهلڪار بيهوش ٿي ويا ۽ بعد ۾ ساٿي جي مدد سان خزاني جو تالو ٽوڙي رقم کڻي ڀڄي ويو۔هي واقعو ڊسمبر 2005 ۾ پيش آيو، پر ڪيترن سالن کانپوءِ به ملزم گرفتار نه ٿي سگهيو آهي
