ميانوالي ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي مقابلي دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا

ميانوالي جي علائقي چاپڙي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي سي ٽي ڊي انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران دهشتگردن فائرنگ ڪئي ۽ مقابلي ۾ ڇهه خطرناڪ دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا۔ترجمان موجب فائرنگ دوران اٺ دهشتگرد اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا، جڏهن ته سندن گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي ۽ ناڪابندي ڪئي وئي آهي۔ڪارروائي دوران خودڪش جيڪٽون، هٿ بم، جديد هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ آيو۔ شروعاتي ڄاڻ موجب دهشتگرد سيڪيورٽي ادارن تي حملن جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا۔وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ڪامياب ڪارروائي تي سي ٽي ڊي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ دهشتگردي خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو

پنھنجي راءِ لکو