وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ دوران 110 ارب کان وڌيڪ جي رليف پيڪيج جاري ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي، جنهن مان هڪ ڪروڙ شهري فائدو حاصل ڪندا. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته گهٽ آمدني وارن شهري کي وڌيڪ کان وڌيڪ رليف فراهم ڪيو وڃي۔ذرائع موجب، ماهوار 50 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن لاءِ خاص رليف فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته وفاق 30 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رليف پيڪيج لاءِ مختص ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي۔ صوبي سطح تي پنجاب 45 ارب سنڌ 25 ارب ۽ ڪي پي 10 کان 13 ارب رپين جي رليف پيڪيج تي ڪم ڪري رهيو آهي۔پيڪيج ۾ رعایتي نرخ تي درآمد ٿيل کنڊ دستياب هوندي، مستحقين 8070 ايس ايم ايس سروس ذريعي رجسٽر ٿي سگهن ٿا، ۽ بي آءِ ايس پي جي ڊيٽا کان علاوه اضافي مستحقين کي پڻ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔
