بنوں ۾ يو سي چيئرمين سميت 3 ڄڻا قتل

خيبرپختونخوا جي شهر بنوں جي علائقي بازيده ڪوڪل خيل سوراني ۾ مسلح ماڻهن فائرنگ ڪندي يو سي چيئرمين سميت 3 ڄڻا قتل ڪري ڇڏيا۔بنوں پوليس موجب، بسياه خيل جي حدن ۾ مسلح ماڻهن حجرے ۾ فائرنگ ڪندي 3 ماڻهن کي قتل ڪيو۔ مقتولين ۾ يو سي چيئرمين عامر دراني، ۽ ٻه دوست سديس دراني ۽ نعيم شامل آهن۔پوليس موجب مسلح ماڻهو رات جي آخري حصي ۾ گاڏي ۾ سوار ٿي اچي حجرے ۾ سويلن عامر دراني ۽ سديس دراني تي اندھا ڌند فائرنگ ڪئي، جڏهن ته نعيم کي سوراني پارڪ جي ويجهو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي لاش ڪار مان برآمد ڪئي وئي آهي. معلوم ٿيو آهي ته ڪار يو سي چيئرمين عامر جي هئي۔

پنھنجي راءِ لکو