پشاور ضلعي انتظاميا شهر ۾ هاءِ بيم ۽ تيز روشني واريون لائيٽون استعمال ڪرڻ تي دفعو 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ضلعي انتظاميا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شهر ۾ ليزر لائيٽن ۽ موڊي فائيڊ هيڊ لائيٽن جي استعمال تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي، ڇو ته هاءِ بيم لائيٽون ٽريفڪ حادثن جو وڏو سبب بڻجي رهيون آهن نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رات جي وقت تيز روشني انساني جان لاءِ خطرو بڻجي ٿي، جنهن سبب ٽريفڪ حادثا پيش اچن ٿا۔ انتظاميا جو چوڻ آهي ته هاءِ بيم لائيٽن جي خريد و فروخت تي به پابندي لاڳو هوندي نوٽيفڪيشن ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف دفعو 188 تحت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔ ڊپٽي ڪمشنر پشاور لاڳاپيل ادارن کي فوري حفاظتي قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن۔
