ڪوئٽه ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي،

بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئٽه جي علائقي سرياب ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي 3 مبينا دهشتگردن کي ماريو آهي۔سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب ڪارروائي دوران دهشتگردن جي قبضي هيٺ آيل هڪ ڪمپائونڊ مان هٿيار، دستي بم ۽ ڪالعدم تنظيم جو لٽريچر هٿ آيو آهي۔ ڪارروائي وقت مسلح ماڻهن ۽ سي ٽي ڊي اهلڪارن وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو، جنهن کان پوءِ علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڪمپائونڊ کي ڪليئر ڪيو ويو۔ٻئي طرف بلوچستان جي ضلعي نصيرآباد جي علائقي ڍاڍر ۾ ڪمڙي پل ڀرسان نامعلوم مسلح ماڻهن پوليس وين کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ ٽن پوليس اهلڪارن سميت ڊرائيور کي اغوا ڪري ويا۔پوليس عملدارن موجب ڪجهه فاصلي تي وڃي ملزمان انسپيڪٽر سميت ٽن اهلڪارن کي آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊرائيور جو اڃا تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي۔ واقعي کان پوءِ پوليس علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري رکي ٿي۔

پنھنجي راءِ لکو