اسلام آباد: حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نئين تبديلي ڪندي ڊيزل جي قيمت ۾ 11 روپيه 30 پئسا في ليٽر اضافو ڪري ڇڏيو آهي۔
پيٽروليم ڊويزن نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق ڊيزل جي نئين قيمت 268 روپيه 38 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت 253 روپيه 17 پئسا في ليٽر برقرار رکيل آهي۔
اهي نيون قيمتون پهرين فيبروري 2026 کان لاڳو ٿينديون ۽ ايندڙ 15 ڏينهن تائين لاڳو رهنديون۔
