ملتان جي نشتر ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ صوماليا سان تعلق رکندڙ هڪ غير ملڪي شاگرد دورانِ راند فوت ٿي ويو.تفصيل موجب نشتر ميڊيڪل يونيورسٽي جو ميڊيڪل فائنل ائير جو شاگرد محمد يونس فٽبال ميچ کيڏي رهيو هو ته اوچتو سندس طبيعت خراب ٿي وئي ۽ دل جي ڌڙڪن بند ٿيڻ سبب هو بيهوش ٿي ڪري پيو. واقعي کان فوراً پوءِ ساٿي شاگردن ۽ يونيورسٽي انتظاميا کيس فوري طور نشتر اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏني وئي، پر هو جانبر نه ٿي سگهيو.نشتر اسپتال ملتان جي ترجمان موجب 27 ورهين جو محمد يونس صوماليا سان تعلق رکندڙ هو ۽ نشتر ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ فائنل ائير جو شاگرد هو. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته فوت ٿيل شاگرد جي وارثن سان صوماليا ۾ رابطو ڪيو پيو وڃي.واقعي کان پوءِ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ استادن ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميا مرحوم شاگرد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي.
