يو اي اي سان نيِب جو اهم معاهدو ويجهو، پاڪستانين جي ملڪيتن بابت خوشخبري متوقع

قومي احتساب بيورو (نيب) جي ڊپٽي چيئرمين سهيل ناصر چيو آهي ته متحده عرب امارات (يو اي اي) جي انصاف واري کاتي سان معاهدو جلد طئي ٿيڻ وارو آهي، جنهن کان پوءِ يو اي اي ۾ پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم اڳڀرائي ۽ خوشخبري سامهون اينديميڊيا بريفنگ دوران سهيل ناصر چيو ته ماضي ۾ نيِب کي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، پر هاڻي عوام، بيوروڪريسي، ڪاروباري برادري ۽ پارليامينٽرينز جو ادارے تي اعتماد بحال ٿي چڪو آهي. هن چيو ته نيِب احتساب جي عمل دوران ڪنهن جي عزتِ نفس کي مجروح ٿيڻ نه ڏيندو.ڊپٽي چيئرمين نيِب موجب پرڏيهه ۾ ڪرپشن سان لاڳاپيل ملڪيتن جا تفصيل حاصل ڪرڻ آسان ناهي، ڇو ته ڪيترائي ملڪ رڪوري ۾ سهڪار نٿا ڪن، جڏهن ته مني لانڊرنگ ذريعي موڪليل رقم واپس آڻڻ به ڏکيو عمل آهي.ڊي جي نيِب امجد مجيد اولڪ ٻڌايو ته سال 2025 دوران نيِب 6 ٽريلين رپين کان وڌيڪ رقم رڪور ڪئي، جيڪا ڊالرن ۾ 22.19 ارب بڻجي ٿي. هن ٻڌايو ته اسلام آباد جي سيڪٽر اي اليوَن مان 29 ارب رپين جي زمين آزاد ڪرائي وئي، جڏهن ته 5 ٽريلين رپين جي ٻيلن واري زمين پڻ رڪور ڪئي وئي.ڊي جي نيِب وڌيڪ ٻڌايو ته ڪوهستان اسڪينڊل مان 26.44 ارب رپين جي رڪوري ٿي، جڏهن ته گلبرگ اسلام آباد ۾ ڪرپشن جي پئسن سان ٺهيل هڪ عاليشان گهر به قبضي ۾ ورتو ويو. هن اهو به ٻڌايو ته سنڌ ۾ سمنڊ ڪناري چار لک ايڪڙ زمين، جيڪا رڪارڊ ۾ شامل نه هئي، نيِب ريونيُو رڪارڊ جو حصو بڻائي رهيو آهي.

پنھنجي راءِ لکو