پاڪستان ۾ رمضان المبارڪ جي پيشگوئي: پهريون روزو 19 فيبروري تي متوقع

سڄي دنيا جا مسلمان رمضان جي استقبال لاءِ تياريون ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ لمرمضان ابارڪ جي شروعات بابت نئين پيشگوئي سامهون آئي آهي. مهينو شعبان پنهنجي اختتام ڏانهن آهي ۽ ماڻهو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته چنڊ ڪڏهن نظر ايندو ۽ پهريون روزو ڪڏهن ٿيندو.محڪمو موسميات موجب پاڪستان ۾ مهينو شعبان 29 ڏينهن جو ٿيڻ جي اميد آهي. انهيءَ بنياد تي رمضان المبارڪ جو چنڊ 18 فيبروري (اربع) تي نظر اچڻ ۽پهريون روزو 19 فيبروري (خميس) تي ٿيڻ جو امکان آهي.چنڊ جي پيداوار 17 فيبروري تي شام 5 وڳي 1 منٽ تي ٿيندي. ايندڙ ڏينهن ۾ چنڊ جي عمر ۽ موسم جي صورتحال رويت لاءِ مناسب لڳي رهي آهي، جنهن سبب چنڊ نظر اچڻ جو امکان وڌي وڃي ٿو.محڪمو موسميات موجب 18 فيبروري تي ڪراچي ۾ چنڊ جي عمر تقريباً 26 ڪلاڪ هوندي، سج غروب ٿيڻ جو وقت 6 وڳي 25 منٽ ۽ چنڊ غروب ٿيڻ جو وقت 7 وڳي 24 منٽ هوندو، جيڪو رويت لاءِ مناسب سمجهيو وڃي ٿو.نوٽ: هي پيشگوئي ممڪنات تي ٻڌل آهي، حتمي اعلان رويت هلال ڪميٽي ڪندي

پنھنجي راءِ لکو