حيدرآباد پوليس هيڊڪوارٽر جو ڊي ايس پي لياقت جسڪاڻي تيز رفتاري سبب پيش آيل ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي۔پوليس موجب ڊي ايس پي لياقت جسڪاڻي لطيف آباد يونٽ نمبر 12 ۾ پنهنجي ذاتي ڪار ۾ سفر ڪري رهيو هو ته تيز رفتاري سبب گاڏي ڪنٽرول مان نڪري بجلي جي پول سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو۔ايس ايس پي حيدرآباد عادل حسين چانڊيو ٻڌايو ته زخمي ڊي ايس پي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ فوت ٿي ويو۔پوليس موجب قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڊي ايس پي لياقت جسڪاڻي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي
