پابندي باوجود وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ ان جي جڙواں شهر راولپنڊي ۾ ڌماڪيدار فلئير گيس جي غير قانوني استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪو عوامي سلامتي لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويو آهي۔
ذريعن موجب ملڪ ۾ فلئير گيس مافيا بي قابو ٿي چڪي آهي ۽ پٽروليم ڊويزن جي ايڪسپلوسو ڊپارٽمينٽ جي پابندي هوندي به فلئير گيس غير قانوني طور وڪرو ڪئي پئي وڃي۔ رپورٽن مطابق رڳو راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 28 سي اين جي اسٽيشنن تي هي گيس وڪرو ٿي رهي آهي۔اوگرا قانونن تحت فلئير گيس رڳو ڀٽن ۽ صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي، ڇاڪاڻته هي انتهائي ڌماڪيدار گيس آهي، جنهن جي غلط استعمال سان ڪنهن به وقت وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو۔ذريعن جو چوڻ آهي ته هي غير قانوني ڪاروبار رڳو جڙواں شهرن تائين محدود ناهي، پر ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به فلئير گيس ڌڙلي سان وڪرو ڪئي پئي وڃي۔ محتاط اندازي موجب سڄي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 1200 اسٽيشنن تي فلئير گيس وڪرو ٿي رهي آهي۔ماضي ۾ خيبر پختونخوا ۽ سنڌ ۾ فلئير گيس سبب ڌماڪن جا واقعا ٿي چڪا آهن، جن ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو۔ ماهرن موجب هي گيس گاڏين جي انجڻ ۽ ماحول لاءِ پڻ انتهائي نقصانڪار آهي۔ڊائريڪٽر ايڪسپلوسو ٻڌايو آهي ته مختلف علائقن ۾ فلئير گيس وڪرو ڪندڙ 13 اسٽيشنن جا لائسنس رد ڪيا ويا هئا، پر سي اين جي اسٽيشن مالڪن عدالت مان اسٽي آرڊر حاصل ڪري ڪاروبار جاري رکيو آهي۔
