14 فيبروري تي جتي دنيا ڀر ۾ محبت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، اتي ئي پنجاب ۾ پوليس نظام ۾ به هڪ وڏي تبديلي آندي پئي وڃي۔وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز لاهور ٽريفڪ پوليس لاءِ نئين وردي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا 14 فيبروري تي باضابطه طور متعارف ڪرائي ويندي۔سرڪاري ذريعن موجب شروعاتي مرحلي ۾ نئين وردي لاهور جي ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي ڏني ويندي، جنهن کانپوءِ مرحليوار ان جو دائرو پنجاب جي ٻين ضلعن تائين وڌايو ويندو۔سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب ٻئي مرحلي ۾ فيصل آاد، نوالا، ملتان ۽ راولپنڊي ۾ ٽريفڪ پوليس جون ورديون تبديل ڪيون وينديون، جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ صوبي جي ٻين ضلعن ۾ به ان تي عملدرآمد ڪيو ويندو۔دين جي تبديلي سان گڏ پنجاب حڪومت اليڪٽرڪ گشت ڪندڙ گاڏيون به متعارف ڪرائي رهي آهي، جيڪي سيف سٽي اٿارٽي سان ڳنڍيل هونديون۔صوبائي حڪومت موجب ان قدم جو مقصد ايندھن جي خرچن ۾ بچت، ماحول دوست پوليسنگ کي هٿي ڏيڻ ۽ پوليس فورس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ آهي۔واضح رهي ته پنجاب حڪومت گذريل مهيني صوبي ۾ پاڪستان جي پهرين گرين پوليس يونٽ جو به آغاز ڪيو هو، جنهن کي ماحول دوست پاليسين ڏانهن اهم قدم سمجهيو پيو وڃي۔
