نوشهروفيروز ۾ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽريلر ۽ ڪار وچ ۾ هولناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو فوت ٿي ويا.

نوشهروفيروز ۾ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽريلر ۽ ڪار وچ ۾ هولناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو فوت ٿي ويا.

سنڌ جي ضلعي نوشهروفيروز ۾ قومي شاهراهه تي ٽريلر ۽ ڪار جي زوردار ٽڪر سبب حادثو پيش آيو. پوليس موجب حادثو ايترو شديد هو جو ڪار مڪمل طور تباهه ٿي وئي ۽ ان ۾ سوار سمورا ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.

پوليس موجب فوت ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، جن ۾ نديم، غلام سولنگي، عبدالحڪيم، حاجي خان، بخشل، سهراب ۽ منظور شامل آهن.

پوليس عملدارن ٻڌايو ته حادثي جو شڪار ڪار لاڙڪاڻو کان ڪراچي وڃي رهي هئي، جڏهن قومي شاهراهه تي ٽريلر سان ٽڪرائجي وئي. فوت ٿيل سڀني ماڻهن جو تعلق نصير آباد سان ٻڌايو ويو آهي.

حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جن لاشن کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته ٽريلر خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي۔