حکومتِ پنجاب رمضان المبارڪ جي موقعي تي عام شهرين سان گڏ مزدورن ۽ غريب خاندانن لاءِ خصوصي رمضان نگهبان پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت لکين خاندانن کي مالي امداد ۽ سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

هي فيصلو مريم نواز جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو، جتي رمضان دوران مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ مستحق ماڻهن تائين سڌي مدد پهچائڻ بابت اهم قدم منظور ڪيا ويا.

مزدورن لاءِ اضافي مالي مدد

وزيراعليٰ اعلان ڪيو ته رمضان المبارڪ ۾ مزدورن کي 7 هزار رپيا اضافي ڏنا ويندا، جنهن بعد کين ملندڙ رقم 3 هزار مان وڌائي 10 هزار رپيا ڪئي ويندي.
حڪومت موجب لڳ ڀڳ 10 لک مزدور ۽ غريب خاندانن کي ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن.

امداد گهرن تائين پهچائڻ جو فيصلو

ضرورت مند ماڻهن کي مالي مدد سندن گهرن جي دروازي تائين پهچائي ويندي، جڏهن ته جن کي راشن جي ضرورت هوندي تن کي راشن به فراهم ڪيو ويندو.
حڪومت خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪو به عوام کان پئسا طلب ڪندو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

40 لک کان وڌيڪ خاندانن کي نگهبان ڪارڊ

هن سال 40 لک کان وڌيڪ خاندانن کي رمضان نگهبان ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن.
هن وقت تائين لڳ ڀڳ 4 لک ڪارڊ ورهايا ويا آهن، جڏهن ته باقي ڪارڊ 10 رمضان تائين مڪمل ورهائڻ جو هدف رکيو ويو آهي.

ڪارڊ مستقل سهولت طور استعمال ٿيندو

حڪومت جو چوڻ آهي ته هي ڪارڊ صرف هڪ ڀيرو لاءِ نه، پر مستقبل ۾ به مالي مدد لاءِ استعمال ٿي سگهندو، تنهن ڪري مستحق ماڻهو ان کي سنڀالي رکن.

مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم

رمضان دوران مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ:

خصوصي سهولت بازار قائم ڪيا ويندا

ذخيرو اندوزن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي

پرائس ڪنٽرول ڪميٽيون فعال رهنديون

شهرن ۾ نگراني جو نظام سخت ڪيو ويندو

فلاحي دسترخوانن جو پڻ اعلان

هر ضلعي ۾ مخير حضرات جي لسٽ تيار ڪئي ويندي، جيڪي سڄي رمضان دوران عوام لاءِ دسترخوان لڳائيندا.
اسپتالن ۾ مريضن جي وارثن لاءِ به افطار جو بندوبست ڪيو ويندو.

حڪومت جو چوڻ آهي ته رمضان رحمتن ۽ برڪتن جو مهينو آهي، ۽ ان دوران غريبن کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ هي پيڪيج متعارف ڪرايو ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو