آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في توله سون 9 هزار رپيا سستو ٿي 5 لک 14 هزار 762 رپين تي اچي ويو، جڏهن ته 10 گرام سون 7 هزار 716 رپيا گهٽجي 4 لک 41 هزار 325 رپين جو ٿي ويو۔ساڳي ريت عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 90 ڊالر گهٽجي 4 هزار 920 ڊالر تي پهچي ويو آهي۔رافه ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ في توله چاندي 150 رپيا گهٽجي 8 هزار 14 رپين تي اچي وئي آهي۔ماهرن جو چوڻ آهي ته عالمي معاشي حالتن، مهانگائي، شرح سود ۽ سيڙپڪارن جي رجحان سبب سون جي قيمتن ۾ لاٿ چڙهاءُ جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي۔ياد رهي ته سون کي روايتي طور محفوظ سيڙپڪاري سمجهيو ويندو آهي، خاص طور تي جڏهن سياسي يا معاشي بيچيني هجي، تڏهن سيڙپڪار ٻين اثاثن بدران سون خريد ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن۔ان کانسواءِ، پاڪستان ۾ گذريل سال سون جي قيمت مقرر ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ تبديلي آندي وئي هئي، جنهن تحت سون جي مقامي قيمت عالمي ريٽ کان في اونس 20 ڊالر وڌيڪ مقرر ڪئي وڃي ٿي۔
