محڪمه انسداد دهشتگردي جو ڪوئٽه ۾ ڪامياب آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه جي علائقي درخشاں ۾ محڪمه انسداد دهشتگردي هڪ ڪامياب ڪارروائي دوران 8 دهشتگردن کي مارڻ جو دعويٰ ڪيو آهي.سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب خفيه اطلاع تي ڪيل هن آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ سخت فائرنگ جو تبادلو ٿيو، جنهن نتيجي ۾ سي ٽي ڊي جا ٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا. زخمي اهلڪارن کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ترجمان ٻڌايو ته مارجي ويل سڀ دهشتگرد هڪ ڪالعدم تنظيم سان لاڳاپيل هئا. آپريشن کانپوءِ علائقي مان وڏي مقدار ۾ اسلحہ ۽ گولہ بارود به هٿ ڪيو ويو آهي.سي ٽي ڊي عملدارن موجب علائقي کي مڪمل طور گهيرو ڪري سرچ آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ صورتحال مڪمل طور ڪنٽرول ۾ آهي.

پنھنجي راءِ لکو