پي ٽي آءِ ۾ ڪو به باني عمران خان جي آزادي نٿو چاهي، وزير دفاع خواجه آصف جو دعويٰ

پاڪستان جي وزير دفاع ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان تحريڪِ انصاف اندر ڪو به شخص باني چيئرمين عمران خان جي آزادي نٿو چاهي.اي آر واءِ نيوز موجب اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻو وزيراعظم عمران خان اکين جي بيماري سبب هن وقت بحث هيٺ آهي. ان حوالي سان خواجه آصف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي آفيشل اڪائونٽ ذريعي خيال ظاهر ڪيو.اجه آصف لکيو ته پي ٽي آءِ جي موجوده حالتن مان صاف ظاهر آهي ته پارٽي قيادت، مائٽ مٽا ۽ سوشل ميڊيا جا نام نهاد جهادي نٿا چاهين ته باني چيئرمين آزاد ٿين.وزير دفاع موجب باني پي ٽي آءِ جي نالي تي انهن سڀني جي سياسي دڪانداري هلي رهي آهي ۽ اهي پنهنجي دڪان بند ٿيڻ نٿا ڏين، ان ڪري اهي سڄو ڏينهن ٽي وي اسڪرينن تي نظر اچن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته انهن اڳواڻن وٽ پنهنجو هڪ به ووٽ ناهي، ووٽن جو اصل مالڪ جيل اندر ويٺو آهي، جڏهن ته اهي ماڻهو ڪا به ويليو ايڊيشن نٿا ڪن.

پنھنجي راءِ لکو