📰 عنوان: پاڪستان ۾ بجلي جي بلن ذريعي کربين رپين جي وصولي، رپورٽ ۾ هوشربا انڪشاف

پاڪستان ۾ بجلي جا بل عام صارفين لاءِ سزا بڻجي ويا آهن. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائڊ) جي تازي تحقيقاتي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي نالي تي کربين رپين جو نقصان سڌو سنئون عوام کان وصول ڪيو پيو وڃي.رپورٽ موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ بجلي پيدا ڪرڻ جي اصل لاڳت سبب نه، پر قرضن جي ادائيگي، سرڪلر ڊيٽ ۽ مختلف سرچارجز سبب ڪئي وئي آهي. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ بجلي جو سرڪلر ڊيٽ 26 کربين رپين کان به وڌي چڪو آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو بار غريب صارفين تي وڌو پيو وڃي.پائڊ جي رپورٽ مطابق بجلي جو شعبو هاڻي رڳو مالي بحران ناهي رهيو، پر اهو سماجي ۽ معاشي ناانصافي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. قومي سطح تي بجلي جي اوسط ٽيرف ۾ ٽي ڀيرا واڌ ٿي آهي، پر ان مان 30 کان 35 سيڪڙو حصو بجلي ٺاهڻ جي لاڳت بدران قرضن ۽ سرچارجز تي خرچ ٿي رهيو آهي.رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ جي غريب ترين 40 سيڪڙو گهرن جي بجلي جي بلن ۾ غير پيداواري خرچن جو حصو 60 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته امير طبقن لاءِ اهو حصو رڳو 30 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي.ماهرن خبردار ڪيو آهي ته موجوده پاليسيون جاري رهيون ته بجلي جا اگهه هڪ مالي هٿيار بڻجي ويندا، جيڪي سرڪلر ڊيٽ ۾ وڌيڪ اضافي سان گڏ ملڪ ۾ غربت کي وڌيڪ گهرو ڪري ڇڏيندا.

پنھنجي راءِ لکو