ڪراچي ۾ رمضان دوران پاڻي جو بحران شديد، 84 انچ لائن جي مرمت باوجود سپلائي بحال نه ٿي

ڪراچي جي علائقي پورٽ قاسم ڀرسان ڦاٽل 84 انچ قطر واري پاڻي جي مک لائين جي مرمت ٿيڻ باوجود شهرين کي پاڻي جي فراهمي بحال نه ٿي سگهي، جنهن سبب رمضان مهيني ۾ پاڻي جو بحران وڌيڪ وڌي ويو آهي۔اي آر واءِ نيوز ڪراچي جي نمائندي افضل پرويز موجب ڌابيجي ۽ گلشنِ اقبال شانتي نگر ڀرسان واٽر ڪارپوريشن جي 84 انچ قطر واري اهم لائين ليڪ ٿيڻ سبب شهر جي وڏي حصي ۾ پاڻي جي فراهمي بند رهي۔هڪ پاسي پائپ لائين ڦاٽڻ ڪري پاڻي بند آهي، جڏهن ته ٻي پاسي بجلي جي بريڪ ڊائون صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب شهرين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو