لنڊن ۾ يورپي ماحولي اداري CAMS جي سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته برطانيا ۾ ’بلڊ رين‘ يعني سرخ برسات پوڻ جو امڪان موجود آهي۔
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب تازن ڏينهن ۾ برطانيا جي مختلف علائقن ۾ لڳاتار برساتون ٿي رهيون آهن ۽ ڪجهه هنڌن تي تقريباً هر ڏينهن برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔
ماهرن موجب صحراءِ اعظم مان اٿيل سرخ گرد جي وڏي پرت يورپ مان گذري برطانيا ڏانهن وڌي رهي آهي۔ جڏهن اها گرد برطانيا جي جاري برساتن سان ملندي ته برسات جو رنگ ڳاڙهو نظر ايندو، جنهن کي عام طور ’بلڊ رين‘ چيو وڃي ٿو۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙي برسات انساني صحت لاءِ نقصانڪار ناهي، البت گاڏين ۽ کليل سطحن تي سرخ مٽي جي هلڪي تهه ويهي سگهي ٿي۔
سينيئر سائنسدان مارڪ پيرنگٽن موجب اها سرخ گرد گهڻو ڪري ڏکڻ انگلينڊ جي مٿان مٿي فضائن ۾ گذرندي، امڪان آهي ته اها منگل تائين برطانيا پهچي وڃي ۽ منجهند جي وقت لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن تائين اها صورتحال برقرار رهي۔
رپورٽن مطابق افريقا جي ڪجهه علائقن ۾ موسمي حياتياتي ايندھن (بايو ماس) ساڙڻ سبب به اهڙا دونها ۽ ذرات فضا ۾ شامل ٿين ٿا، جيڪي تيز هوائن سان هزارين ڪلوميٽر سفر ڪري برطانيا تائين پهچي سگهن ٿا۔
