حڪومتي پاليسين سبب غريب مهانگائي هيٺ پسي ويو، هر 10 مان 3 پاڪستاني 8 هزار ۾ گذارو ڪن ٿا: مفتاح اسماعيل

مفتاح اسماعيل چيو آهي ته حڪومتي پاليسين غريب ماڻهوءَ کي مهانگائي جي چڪي ۾ پسي ڇڏيو آهي ۽ ملڪ ۾ معاشي فرق خطرناڪ حد تائين وڌي رهيو آهي۔عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح ۾ ڳالهائيندي چيو ته هر 10 پاڪستانين مان 3 ماڻهو صرف 8 هزار رپين ماهوار ۾ گذارو ڪرڻ تي مجبور آهن۔هن موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومتي پاليسيون امير کي وڌيڪ امير ۽ غريب کي وڌيڪ غريب بڻائي رهيون آهن۔ هن چيو ته اشرافيه عيش عشرت ۾ مصروف آهي، جڏهن ته عام ماڻهو مهانگائي جي وزن هيٺ دٻجي ويو آهي۔مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته مهانگائي ايتري وڌي وئي آهي جو غريب طبقي پنهنجي خوراڪ به گهٽ ڪري ڇڏي آهي، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي

پنھنجي راءِ لکو