غوثپور ۾ هندو واپاري جو گهر لوٽيو ويو، مسلح ملزمان ڇھ تولہ سون ۽ نقدي کڻي فرار

غوثپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ امن امان جي صورتحال هڪ ڀيرو وري خراب ٿي وئي. شھر جي مسجد محلي ۾ هندو واپاري انجنيئر لال جي گهر ۾ رات دير سان چار اڻڄاتل ملزمان داخل ٿي، گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي، لکين روپين ۽ قیمتي سامان لوٽ ڪري فرار ٿي ويا.

گهر ڀاتين موجب، رات تقريباً ٻه وڳي، ملزمان پنھنجي ساٿين جي مدد سان هٿيارن جي زور تي سڀني گهرڀاتين کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ پوري گهر جي تلاشي ورتي. ملزمان ڇھ تولہ سون، پنج لک نقد رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿيا، جڏهن ته فرار ٿيڻ دوران گھر ڀاتين کي گھر اندر بند ڪري ٻاھران ڪنڊي لڳائي ڇڏي.

واقعي جي اطلاع غوثپور پوليس جي ايس ايڇ او قربان بنگوار کي ڏني وئي، جيڪو عملي سان گڏ واقعن واري هنڌ تي پهچي متاثرن کان تفصيل معلوم ڪئي.

ٻئي پاسي متاثر ساگر ڪمار، يوگيش ڪمار، ببلو ڪمار ۽ ٻيا ميڊيا سامهون احتجاج ڪندي ڪشمور ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان مسڪين آهيون، اسان جو سامان واپس ڪري انصاف ڪيو وڃي ۽ ملوث ملزمان کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهره ۾ آندو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو