ڪراچي ۾ 75 کان وڌيڪ علائقن ۾ دهشتگردن جي موجودگي، سيڪيورٽي هاءِ الرٽ

ڪراچي ۾ دهشتگردي جي امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي۔ آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس کي هر وقت الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن۔

اسپيشل برانچ پوليس جي خفيه رپورٽ موجب شهر جي 75 کان وڌيڪ علائقن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن سان لاڳاپيل دهشتگردن جي موجودگي ظاهر ٿي آهي۔ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهر جي 8 اهم شاهراهن ذريعي دهشتگردن جي نقل وحرڪت رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسمگلنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ رستا دهشتگردي لاءِ به استعمال ڪيا پيا وڃن۔خفيه رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جو نشانو سي پيڪ منصوبا، سرڪاري عمارتون، آفيسون ۽ ٻيا حساس هنڌ آهن۔ رپورٽ موجب پابندي مڙهيل تنظيمون بي ايل اي، بي ايل ايف سميت ٻين گروهن جي اتحاد جون به اطلاع مليون آهن، جڏهن ته مجيد بريگيڊ ۽ سنڌوديش لبريشن آرمي بابت به اهم انڪشاف سامهون آيا آهن۔رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دهشتگرد تنظيمن جي ٽن وڏن اڳواڻن جا نالا به سامهون آيا آهن، جڏهن ته پابندي مڙهيل ايس آر اي جي سربراهه اصغر علي شاهه ۽ ڊاڪٽر شفيع برفت گروپ طرفان دهشتگردن جي حمايت جاري رکڻ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي۔
ذريعن موجب پرڏيهي خفيه ايجنسين طرفان دهشتگردن کي فنڊنگ جا ثبوت به مليا آهن۔ افغانستان کان ايندڙ اسمگلنگ رستن تي سخت نگراني جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه شاگرد تنظيمن ۽ تعليمي ادارن جي دهشتگردي لاءِ استعمال جو به انڪشاف ٿيو آهي۔ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال ۽ سرحد پار کان مليل خفيه اطلاعن جو جائزو ورتو ويو۔ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي ويندي ۽ هر ضلعي ۾ ڪوئڪ ريسپانس فورس کي الرٽ رکيو ويندو۔آءِ جي سنڌ سي ٽي ڊي ۽ اسپيشل برانچ کي هدايت ڪئي ته ضلعي پوليس کي بروقت انٽيليجنس فراهم ڪئي وڃي، جڏهن ته آفيسرن کي حساس هنڌن جو پاڻ جائزو وٺڻ ۽ فيلڊ ۾ موجود رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔ان کان علاوه روزانو ٻه ڀيرا جنرل هولڊ اپ، سنيپ چيڪنگ ۽ گداگرن خلاف ڪارروائيون تيز ڪرڻ جون به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔

پنھنجي راءِ لکو