ڪنڌڪوٽ لڳ ڪچي واري علائقي ۾ گولا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، جنهن بعد ٻنهي ڌرين وچ ۾ شديد فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو۔
تفصيل موجب گبلو ٿاڻي جي حدن ۾ واقع ڪچي واري علائقي ڳوٺ غلام رسول گولو ۾ گولا برادري جي ٻن ڌرين جديد هٿيارن سان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن سبب علائقي ۾ سخت خوف ۽ دهشت پکڙجي وئي۔
فائرنگ دوران نوجوان چاڪر ولد جمال الدين گولو گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته مسمات درناز خاتون زال اربيلو گولو، صاحب ولد شريف گولو سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا۔
واقعي جي اطلاع پوليس کي ڏني وئي، پر پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهتي۔ بعد ۾ لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو۔ لاش گهر پهچڻ تي علائقي ۾ قهرام مچي ويو۔
آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ٻئي ڌريون مورچا بند آهن ۽ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب علائقي ۾ ڳڻتي واري صورتحال برقرار آهي۔
