لاهور: پنجاب فنانس ڈیپارٹمنٹ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن بعد سرڪاري ملازمن جي پينشن قانونن ۾ اهم ترميمون ڪيون ويون آهن، جيڪي فوري طور تي لاڳو ٿي ويون آهن۔تفصيل موجب نئين قانون تحت رضاکارانه رٽائرمينٽ لاءِ شرطون سخت ڪيون ويون آهن۔ هاڻي ڪو به سرڪاري ملازم تڏهن ئي رضاکارانه رٽائرمينٽ وٺي سگهندو جڏهن سندس گهٽ ۾ گهٽ 25 سال سروس مڪمل هجي ۽ عمر 55 سال يا ان کان وڌيڪ هجي۔ رٽائرمينٽ ان شرط تحت ڏني ويندي جيڪا آخر ۾ مڪمل ٿيندي۔نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زبردستي رٽائرمينٽ جي صورت ۾ به ملازم کي پينشن جا فائدا صرف تڏهن ملندا جڏهن سندس گهٽ ۾ گهٽ 20 سال سروس مڪمل هجي۔ان کان علاوه ڪرپشن يا بدانتظامي جي ڪيسن ۾ به پينشن حاصل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل ڪوالي فائينگ سروس پوري ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي۔نئين ترميم تحت رٽائرمينٽ کان پوءِ ٻيهر سرڪاري نوڪري ڪندڙ ملازمن لاءِ به واضح قانون آندو ويو آهي۔ جيڪڏهن ڪو رٽائرڊ ملازم ٻيهر سرڪاري نوڪري ڪندو ته کيس پگهار يا پينشن مان هڪ چونڊڻي پوندي۔ هي قانون 60 سال کان وڌيڪ عمر وارن ملازمن تي به لاڳو ٿيندو۔
